جهڏير جو دڙو

جهڏير جو دڙو: هڙپا تهذيب سان لاڳاپيل هي ماڳ، جنهن کي آر. ايل ريڪس ڳولي لڌو، اهو سکر- سبي روڊ کان هڪ ميل کن اولهه ۾ هڪ دڙن جو ميڙ آهي، جيڪو مجموعي طور 500 وال ڊيگهه ۾ پکڙيل آهي. هيءُ ماڳ جيڪب آباد کان اٽڪل 28 ڪلو ميٽر اتر- اولهه ۾ واقع آهي. هن دڙي تي هر طرف ٺڪراٺو پکڙيو پيو آهي، جيڪو سنڌو تهذيب سان واسطو رکي ٿو. پر سر مورٽيمر ويلر جي خيال ۾ ڪي وٿون ان کان به اڳ جون يا ’اوائلي هڙپا‘ تهذيب سان لاڳاپيل ٿي سگهن ٿيون. ماڳ جي بيهڪ 28° 28′ اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68° 15′ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي آهي. جهٽ پٽ ۽ ٽيمپل ديرو ان جون ڀر واريون ريلوي گوديون آهن. هتان مٿاڇري تان ساواڻ مائل تيز پڪل ٿانوَ، سانچا، ٽڪنڊيون ٽِڪيون، ٺڪر جا چوڙا، جانورن جون مورتيون، سپون، چقمقي پٿر جا اوزار وغيره مليا آهن. هن ماڳ جي کوٽائي اڃا نه ٿي آهي.


لفظ جهڏير جو دڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو